خانزئي مولوي غلام محمد

خانزئي، مولوي غلام محمد: مولوي غلام محمد خانزئي، 1834ع ڌاري جنم ورتو. سنڌي ٻوليءَ جو تمام سٺو شاعر هو. سندس شاعريءَ جو مڪمل رسالو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل آهي. مولوي خانزئي گهڻو ڪري ڪافيون ۽ بيت لکيا آهن. هن تمثيل جي تشريح ۾ ’منهاج العاشقين‘ ڪتاب ۽ مثنوي ۾ ’سڪندرنامه‘ جو منظوم ترجمو ڪيائين. هي ڪتاب رزميه شاعري جو بهترين مثال آهي. مولوي غلام محمد خانزئي، 1902ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو